Tuesday 15 May 2012

new


هٽي پئي هئ ڪاري اداسي جي چادر اوهان جي کڻي نيڻ ڪجھ مسڪرايو ڀڄي ۽ ڪٿي ڀور ٿي پئي نه جندڙي اسان کي نه ايڏو پرين آزمايو وري ڪائي للڪار اولھ کان آئي جهان کي وري ٻن حصن ۾ ورهايو اگر خواب پنهنجا جي آهن ته پوئي اوهان جي تمنا قصو ئي اجايو وڃي نيٺ خوشبو جا کلندا جزيرا متان ائين نه سمجهي سفر ئي اجايو 15

banner

Saturday 28 April 2012

ALMUSTAFA GARMENT KARACHI

Sindhi Poetry


آڪاش انصاري جي شاعري

قاتلن جي ڪلهن ۾
وڌئي اجرڪون
او ويڪُو وڏيرا!
ٿُڪون ٿئي ٿُڪون.
ٽَڪن لئه وڪيون تو
سنڌي ٽوپيون،
سچ اهو آ ته
سچ کي شرم ٿو اچي،
دلاليون دليريءَ سان اهڙيون ٿيون.
ڏيھ واسيو ڏسو!
ڏوھ ڪنهن کي ڏيون؟
ڪالھ ڌرتيءَ مٿي
رت جي رقص تي
زخم، زنجير سان
نينهن جي نير سان
جنم جيلن اندر
جيڪي ڇورن ڇُريون
عشق جون اجرڪون،
ڪيستائين ڀلا،
ائين ارزان ڪبيون؟
جنين پنهنجي سينن،
سنگينون هنيون،
اسانجي ننگن ڏي
نگاهو کنيون،
ڌسي تن سِرن تي،
سنڌي ٽوپيون“
*۽ ٽوپين ۾ جڙيل
چون ٿيون ٽڪون،
او ويڪُو وڏيرا!
ٿڪون ٿئي ٿڪون. آڪاش 



آڪاش انصاري جي شاعري
اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،

اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو،
جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي،
تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاتي،

اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون،
ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون،
انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي،

جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي،

جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنورهارن تي وسندو،
نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي. 

sindhi poetry

اسان جيئن به  جيئي ڪو جھان ۾سدائين نشان تي سدا امتحان ۾ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجليڪٿي ڪکَ رهيو آ منهنجي آشيان ۾پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻاهليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آڪٿي ڪاروان وقت نا مهربان ۾ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگھه مورکاڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آغم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾هو هالار جا پٽ هُوءَ مياڻي، هُوءِ ٽلٽيءَاسان جون نشانيون سڄي گلستان ۾اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارااڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾ستارا نه چوندا ته ڇا تون نه اينديناڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريمٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾ حليم باغي






رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.

گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.

سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.

مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي

اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي.