Saturday 28 April 2012

sindhi poetry

اسان جيئن به  جيئي ڪو جھان ۾سدائين نشان تي سدا امتحان ۾ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجليڪٿي ڪکَ رهيو آ منهنجي آشيان ۾پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻاهليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آڪٿي ڪاروان وقت نا مهربان ۾ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگھه مورکاڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آغم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾هو هالار جا پٽ هُوءَ مياڻي، هُوءِ ٽلٽيءَاسان جون نشانيون سڄي گلستان ۾اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارااڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾ستارا نه چوندا ته ڇا تون نه اينديناڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريمٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾ حليم باغي






رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.

گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.

سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.

مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي

اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي.

No comments:

Post a Comment