Saturday 28 April 2012

Sindhi Poetry


آڪاش انصاري جي شاعري

قاتلن جي ڪلهن ۾
وڌئي اجرڪون
او ويڪُو وڏيرا!
ٿُڪون ٿئي ٿُڪون.
ٽَڪن لئه وڪيون تو
سنڌي ٽوپيون،
سچ اهو آ ته
سچ کي شرم ٿو اچي،
دلاليون دليريءَ سان اهڙيون ٿيون.
ڏيھ واسيو ڏسو!
ڏوھ ڪنهن کي ڏيون؟
ڪالھ ڌرتيءَ مٿي
رت جي رقص تي
زخم، زنجير سان
نينهن جي نير سان
جنم جيلن اندر
جيڪي ڇورن ڇُريون
عشق جون اجرڪون،
ڪيستائين ڀلا،
ائين ارزان ڪبيون؟
جنين پنهنجي سينن،
سنگينون هنيون،
اسانجي ننگن ڏي
نگاهو کنيون،
ڌسي تن سِرن تي،
سنڌي ٽوپيون“
*۽ ٽوپين ۾ جڙيل
چون ٿيون ٽڪون،
او ويڪُو وڏيرا!
ٿڪون ٿئي ٿڪون. آڪاش 



آڪاش انصاري جي شاعري
اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،

اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو،
جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي،
تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاتي،

اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون،
ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون،
انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي،

جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي،

جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنورهارن تي وسندو،
نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي. 

No comments:

Post a Comment