هٽي پئي هئ ڪاري اداسي جي چادر
اوهان جي کڻي نيڻ ڪجھ مسڪرايو
ڀڄي ۽ ڪٿي ڀور ٿي پئي نه جندڙي
اسان کي نه ايڏو پرين آزمايو
وري ڪائي للڪار اولھ کان آئي
جهان کي وري ٻن حصن ۾ ورهايو
اگر خواب پنهنجا جي آهن ته پوئي
اوهان جي تمنا قصو ئي اجايو
وڃي نيٺ خوشبو جا کلندا جزيرا
متان ائين نه سمجهي سفر ئي اجايو
15
No comments:
Post a Comment