Sunday, 29 April 2012
Saturday, 28 April 2012
Sindhi Poetry
قاتلن جي ڪلهن ۾
وڌئي اجرڪون او ويڪُو وڏيرا! ٿُڪون ٿئي ٿُڪون.
ٽَڪن لئه وڪيون تو
سنڌي ٽوپيون، سچ اهو آ ته سچ کي شرم ٿو اچي، دلاليون دليريءَ سان اهڙيون ٿيون.
ڏيھ واسيو ڏسو!
ڏوھ ڪنهن کي ڏيون؟ ڪالھ ڌرتيءَ مٿي رت جي رقص تي زخم، زنجير سان نينهن جي نير سان جنم جيلن اندر جيڪي ڇورن ڇُريون عشق جون اجرڪون، ڪيستائين ڀلا، ائين ارزان ڪبيون؟ جنين پنهنجي سينن، سنگينون هنيون، اسانجي ننگن ڏي نگاهو کنيون، ڌسي تن سِرن تي، سنڌي ٽوپيون“ *۽ ٽوپين ۾ جڙيل چون ٿيون ٽڪون، او ويڪُو وڏيرا! ٿڪون ٿئي ٿڪون. آڪاش |
آڪاش انصاري جي شاعري |
اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي، اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو، ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو، جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي، تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاتي، اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون، ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون، انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي، ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي، جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا، ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا، سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي، ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي، جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو، مٿان پارڪر جي پنورهارن تي وسندو، نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي، تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي. |
sindhi poetry
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي
اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.
گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي.
سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي.
مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي
اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي.
Thursday, 26 April 2012
Wednesday, 25 April 2012
Sunday, 22 April 2012
sindhi keboard
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ،
عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
سَائِين سَدائِين، ڪَرِين مَٿي سِنڌ سُڪار؛
دوست مِٺا دِلدار، عالم سڀ آباد ڪَرِين.
Sindhi Support (keyboard & fonts) has been installed to your Windows XP/Vista/7 system.
Turn on the Font Smoothing
Right click on the desktop and then Properties >> Appearance >> Effects. Then check the box for "Use the following method to smooth edges of screen fonts:" and select Standard (not the Cleartype).
Having done all this open this file again and you should be able to see the verse at the top of the page with properly smoothed edges.
Now you can use all the MS Office applications, Wordpad, Notepad, Dreamweaver, Photoshop (Middle Eastern version) and many other applications for Sindhi. Here is the Keyboard layout:
You can also use the system applet OnScreen Keyboard (which can be reached through Start >> All Programmes >> Accessories >> Accessibility) to view the keyboard layout in normal, shift, cntrl+alt and shift+cntrl+alt states. In MS Word you can use the Insert Symbol menu and select the characters and symbols which cannot be accessed through the keyboard directly.
A Note on Compatibility Issues
You may notice some differences between this and the earlier versions, which were unavoidable since this is the most complete and accurate version of standard Sindhi fonts so far. However, what is more important that you may also find some compatibility issues when you use Microsoft's core or system Arabic script fonts. Ideally and in principle there should be no such issues but we live in a world which is a little less than perfect. There are some issues relating to Sindhi letter Heh, Sindhi Comma and Sindhi Semi Colon due to which as of now a font has to be different in these areas. Hopefully, these issues will be resolved in time. I have also included Arabic full stop which can be accessed by pressing Right Alt and Full Stop key. You might want to use this full stop in the web pages if you find that normal full stop is not getting placed at the end of the line. You can now solve this by using Ctrl+relevant key.
Enjoy Sindhi Computing and promote it. I have done my service to the language and people of Sindh: now it is your turn. So use Sindhi on computers and the internet and encourage other Sindhis to do the same by distributing this free software to as many friends as you can.
With best wishes,
Abdul-Majid Bhurgri
Seattle, WA USA
25 April 2010
majidbhurgri@yahoo.com
www.bhurgri.com
عبدالماجد ڀرڳڙي
Friday, 20 April 2012
وفا شيراز نظاماڻي
يادن کي سهيڙڻ لاءِ وقت نٿو ملي
لفظن ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريان،،،
رهجي ويل منظر به ڪڏهن وسريا آهن؟؟؟
پهرين نظر ڏسڻ ته يقينن عجيب اتفاق هو
تو بي رُخي ڪري ٽانڊن کي ڦوڪو ڏئي ڇڏيو،،
ٻالڪپڻ کان جواني تائين جنهن درد کي محسوس ڪيم
ان کي وڌائڻ ۾ تنهنجو ڪردار اهم آ...
تو کي محسوس ڪرڻ فطرتي عمل آ
عادت هجي ها ته وساري ڇڏان ها...............
دل کي ڪوڙي تسلي ڏيڻ لاءِ به ڪنهن مضبوط دلاسي جي ضرورت هوندي آ
پر مان ڪيستائين حقيقت کان انڪار ڪندس؟
هر دور ۾ زندگي جي آزمائش مون لاءِ
مان ڪهڙي صدمي جو چهرو وساريان!!
مونکي ڪنهن انسان سان ڪا به شڪايت ناهي
پنهجن سان وابسته اُميدن تڙپايو........
مان پياسو رهيس هڪ بوند لاءِ
تو سمنڊ کي ڪئين ورهايو؟؟؟
آئون ڪئين مڃان تنهجون چاهتون مون لاءِ نه هيون؟؟؟؟؟؟
توکي محبت جو ساگر مليو ۽ مون پنهنجي اُڃ اوتي ڇڏي..........
يادن جو ڪفن ڏيئي مون پنهجي وجود کي دفنائي ڇڏيوآ
مونکي ڇانَو جي ضرورت ناهي
مان صحرا ۾ خوش آهيان......
وفا شيراز نظاماڻي