Thursday, 29 March 2012

rubina abro



سنڌي ٻوليءَ جي ادبي دنيا ڪا ايتري وڏي يا وشال ڪانهي، پر جيتري سماجي اڻ براري شعوري طور تي سنڌ ۾ پروان چاڙهي وئي آهي ان جو مثال ڪٿي به ڪونه ٿو ملي، ان صورتحال سنڌ ۾ شاعرن جو انگ هزارن کان وڌائي ڇڏيو آهي، پر انهن ۾ چند نالا واقعي به اهڙا آهن جن کي پڙهي سنڌي ٻوليءَ جي اُڻت ۽ جَڙاوت جو حُسن ڪنهن به ماڻهوءَ کي موهي سگهي ٿو.
اهڙن چند ئي نالن ۾ سائنڻ روبينه ابڙو  جو نانءُ هڪ اهڙو نانءُ آهن جن پنهنجي پهرين ڪويتا سان ئي سنڌي اکين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، يا ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ ۾ اگر چئجي ته ”ڪِلڪ“ ڪري ورتو.
شاعريءَ جي ڀريل بس ۾ روبينه جِي جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ سان هڪ distinguished  جاءِ پنهنجي لاءِ ٺاهي ورتي ۽ وقت گذرڻ سان پنهنجي ادبي ارتقا جو سفر به انهيءَ ئي معيار سان جاري رکيون پيا اچن.
اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾کوڙ ساترا نالا اهڙا آهن جيڪي تعريف جي نشي جوڌڪ پچائي نه سگهيا ۽ بور قسم جي ريپيٽيشن جو شڪار ٿي ويا، انهن جي پنهنجي ليکي اهي اڄ به ڌرتيءَ جا وڏا شاعر آهن پر جڏهن عام ـ لوڪَ ۾ وؤڙَ ڪبي آهي ته پتو پوندو آهي انهن کي ته اهي به ڪونه ٿا سڃاڻن جن جي لاءِ هُو لکڻ جي دعوى پنهنجي هر انٽرويو ۾ ڪندا رهندا آهن.
مان جڏهن سائنڻ روبينه جو نظم ”امن“ پڙهيو ته قائل ٿي ويس ته شاعريءَ پنهنجي رستي ۾ ڪيڏي نه وڏي ٻرانگهه ڀري آهي، هن سماج ۾ جتي سلمان تاثير جهڙو ماڻهو صرف اختلاف ـ راءِ رکڻ جي ڏوهه ۾ گوليون کائي،  اتي اهڙو نظم لکڻ ڪنهن به رسڪ جي پرواهه نه ڪرڻ جي برابر آهي، سچ ته اسان جو سماج ذهني طور تي هاڻ ڄڻ ته ڪنهن ٻرندڙ جبل جي ڪَگارَ تي ٻيٺل آهي ۽ ڪنهن به ويلي سڀ ڪجهه لاوي ۾ سڙي کاڪ ٿي ويندو.
ڪُفرَ جي فتويٰ جيان
ڪائي خبرَ
ذهنَ جي اخبارَ تي
آهي ڇپيلَ۔

............. ۽ ان نظم ۾ وري هي سٽون
ڪوئي درندو
آدميءَ جي ويسَ ۾
اڄُ گهڙي آيو آ
منهنجي ديسَ ۾

هر عبادتگاهه آهي
خوفَ جي گهيري اندر
۽ پناهگاهون هتي هن
موتَ جي پهري اندر
.... ايئن روبينه جي جن اسان جي اڄ جي سماج جو هڪ جاڳائيندڙ نالو بڻجي ويا آهن جنهن جي  سامهون  اڄ صرف ۽ صرف انسان آ پر افسوس ته اهو انسان اڄ انسانيت کان وانجهيل آهي
آشتي جي اُڀَ تي
تعصبن جي ڌُنڌ آ
نفرتن جو آ ڪُهر
مان ڏسان ٿي سامهون
حدِ نظر
امن جا اُجرا پَکي آهن مُئل
....جڏهن نظم پڙهجي ٿو ته دل ٻڏي وڃي ٿي، مڪمل مايوس صورتحال آهي ، نه ڪو سُريلو آواز ٿو ٻڌجي نه ئي امن ۽ اميد جي ڪا گونج ڪنهن گونجاري مان اڏري ٿي. اهڙي ماحول ۾ ماڻهو جو من ڪيئن سئنون سوچيندو، مون کي خوشي آهي ته اسان سنڌي ٻوليءَ جي خمار واري پيرڊ وچان نڪري آيا آهيون اڄ اسان جي ڪويتاڪارن جو ڪم بي انتها وڌي ويو آهي، انهن کي هاڻ سموري دنيا پڙهي ٿي، ۽ مان پر اميد آهيان ته سنڌي شاعري پنهنجي نج ۽ نڪور  اُڻت جي ڪري اڄ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي عالمي شاعري  آڏو معصوم شاهه جي ميناري جيان اڏول بيٺي آهي.

No comments:

Post a Comment